اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب و??د جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان ??زيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ڪروٽ ه??ئيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان ??وري صلاحيت سان ??لي رهيو آهي. ڪروٽ ه??ئيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪ??پن??ن ۽ چين جي عوام جا دل سان ??ورا مڃيا. وزيراعظم چائنا ٿري گارجز کي ڪروٽ ه??ئيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان ??نصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.