آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سر??را??ي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پ??چي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلط??ن بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئ??. ڪ??بينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سر??را??ي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سر??را??ي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سر??را??ي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.