اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي ??طح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار ??ثر?? ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ??يجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف عالمي ??تفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ مت??ثر??ن جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن عالمي ??طح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي ??ڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي ل??ءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي ??تحاد موسمياتي تبديلين جي ??ثر?? جي مقابلي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.