اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻ?? جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي ق??ارداد منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي ق??نون جو هڪ بنيادي اصول آه?? جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار رکيو ويو آهي، گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني ق??ارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي ق??ضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻ?? جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ق??بل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فور?? طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي ق??من کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.