اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته پوليو جي موذي مرض ??ي خاتمي جي جدوجهد مشڪل ترين حالتن ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پوليو ٽيم جي هڪ ميمبر جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو سخت برفاني علائقي ۾ پوليو ??ي خاتمي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چي?? ته اها وڊيو پاڪستان جي پڪي عزم جو وا??ح ثبوت آهي. فخر جي قابل ورڪرن کي اسان جو سلام، جيڪي دهشتگردي ۽ سخت موسمن جو مقابلو ڪري اسان جي ٻارن جي صحت جي جنگ وڙهن ٿا، انهن جو پاڪستان جي ايندڙ نسلن تي احسان آهي.