لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻا??ين ۽ سمورن ايف ايس سي جي ڪواليفائيڊ شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ موڪليو وڃي، ملڪ ۾ پرائمري جي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ اها شرح 98 سيڪڙو جڏهن ته هايئر ايجوڪيشن ۾ داخلائن جي شرح رڳو 9 سيڪڙو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي ڀيٽ ٻين علائقائي ملڪن سان ڪئي وڃي ته ات?? ان جي شرح 60 سيڪڙو آهي جيڪا ملڪ ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار حاصل ڪرڻ ۽ معيار?? انساني وسيلن جي ضرورتن جي لاءِ انتهائي ناڪافي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ يونيورسٽي جي فيڪلٽي، شاگردن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسڪول ويندڙ عمر جي سمورن ٻارن کي اسڪولن ۾ وڃڻ گهرجي ۽ ڪو ٻار به تعليم کان محروم نه رهڻ گهرجي جيڪو ملڪ جي ترقي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا خطي جي ملڪن سان جيڪڏهن ڀيٽ ڪئي وڃي ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ اها شرح 98 سيڪڙو آهي. هن چيو ته پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي ايتري گهٽ شرح خطري جي علامت ??هي ۽ پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. صدر چيو ته يونيورسٽيون شاگردن کي داخلا نه ڏئي عام طور تي فخر محسوس ڪن ٿيون جڏهن ته هزارين شاگردن جي اها خواهش هوندي اهي ته اهي اعليٰ تعليم حاصل ڪن. هن چيو ته اهو عمل ٺيڪ نه آهي ۽ ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ۽ الحاق ٿيل اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي سمورن شاگردن جيڪي ??نه??جي صلاحيتن کي وڌ??ئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي ڄاڻايل تعليمي ادارن ۾ 100 سيڪڙو داخلائن کي يقيني بڻ??ئڻ گهرجي ته جيئن اعليٰ تعليم سان ليس گريجوئيٽس آن لا??ين اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪي ترقي ۾ ??نه??جو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر عارف علوي چيو ته هڪ تعليم يافته ۽ مهارت يافته نوجوان افرادي قوت ملڪ کي اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪري سگهي پر بدقسمتي سان آءِ ٽي جي تعليم ۾ ساليانو 27 هزار آءِ ٽي جا تعليم يافته نوجوان پيدا ٿي رهيا آهن جيڪي تمام گهٽ آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ جيڪڏهن پاڙيسري ملڪن سان ڪئي وڃي ته اتي هر سال 8 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته گريجوئيٽس جو انگ وڌ??ئڻ جي لاءِ اسان کي ??نه??جي تعليمي نظام ک?? انٽرنيٽ بيسڊ آن لا??ين ڪرڻو پوندو جيڪو مختلف ملڪن ۾ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. صدر چيو ته مسلمان معاشرا ماضي ۾ ن??ين علم کان ڊنل هئا ۽ جدت، ايجادن ۽ قرباني ڏئي سائنسي، سماجي ۽ انتظامي شعبن ۾ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪندا هئا ۽ انهي لاءِ اهي ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پٺتي رهجي ويا. هن چيو ته سر سيد احمد خان تعليم جي اهميت کي صحيح محسوس ڪندا هئا ۽ 1857ع جي آزادي جي جنگ کانپوءِ هن مسلمانن کي جديد علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن مسلمان به دنيا سان گڏ ??نه??جو وڃايل مقام واپس حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته بدقسمتي سان هيستا??ين اسان رڳو 68 سيڪڙو پرائمري جي ٻارن کي ئي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن اڃا به اهو سلسلو باقاعده شروع ڪيو وڃي ته اسڪولن ۾ 100 سيڪڙو داخلائن جي شرح حاصل ڪرڻ جي لاءِ 10 سالن جو عرصو گهربل آهي. صدر وڌيڪ چيو ته بطور قوم اسان کي ??نه??جو ڌيان طاقت جي سياست تان هٽ??ئڻ جي ضرورت آهي ۽ ??نه??جو سمورو ڌيان ??نه??جي نوجوان نسل ۽ ٻارن کي معياري تعليمي جي فراهمي تي ڌرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن کي گڏجي اهڙي حڪمت ??ملي جوڙڻ گهرجي ته اعليٰ تعليم جي لاءِ ڪنهن شاگرد کي ڪنهن به سبب جي ڪري داخلا وٺڻ کان روڪڻ نه گهرجي. صدر چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي نوجوانن کي معياري ۽ گهٽ خرچن تي بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن جڏهن ته ورچوئل يونيورسٽي جو افغانستان، مسلمان ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن کي گهٽ خرچ تي معياري تعليم جي فراهمي جو منصوبو انتهائي قابل تقليد آهي. ان کان اڳ ورچو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته ورچوئل يونيورسٽي 2002ع ۾ قائم ٿي جيڪا ملڪ جي نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا داخلائن جي حوالي سان پاڪستان جي وڏي يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۾ هن وقت 1 لک 60 هزار شاگرد اعليٰ تعليم مان فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته يونيورسٽي جي مختلف تعليمي پروگرامن تحت 8 هزار پرڏيهي شاگرد پڻ تي هي تعليم جي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ملڪ ۾ معياري گهٽ لاڳت ۽ جديد تعليم فراهم ڪري رهي آهي ٻئي طرف مستحق شاگردن کي اسڪالرشپس پڻ ڏنيون پيون وڃن جنهن ۾ مختلف تعليمي ڪورسز ۾ مهارت حاصل ڪري رهيا آهن. آخر ۾ صدر ورچوئل يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون، گولڊ ميڊلز ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.