اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني ??رزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنج?? مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع ت?? ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني ??دن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني ??انين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لا??ِ پڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني ??امين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان ج?? مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندروني ??اچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان ج?? نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنج?? مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.