اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف دبئي ?? هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دبئي ?? هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سان ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ ??اب?? ڄاڻي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هو ان سانحي جي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني مشن کي متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ جي هداي?? ڪئي آهي.