اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگ??ن ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀ????ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀ??ئرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀا??تي عملدارن مذهب?? آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀ??پاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀا??تي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن ک?? آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.