اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي ح??ومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد مح??د بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پي??ام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي ح??ومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.