ڪراچي – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ ۽ ٺٽي ۾ ٽريفڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ??ه ڪراچي ايڪسپريس ۽ ٺٽي حادثي ۾ قيمتي جانين جو زيان افسوسناڪ آهي. بلاول هائوس ميڊ??ا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄاڻايل حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃ??ئي??دڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مرحومن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪريان ٿو. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار حادثن جا سبب معلومات ڪرڻ جي لاءِ فوري جاچ کي يقيني بڻ??ئي?? ۽ مستقبل ۾ اهڙن حادثن جي روڪٿام پڻ لاڳاپيل عملدارن جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي.