اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت معاشري جي ??مورن طبقن خاص طور تي محروم طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اها سهولت انهن جي ??رن تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پهرين سال ۾ تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ جدت رکندڙ منصوبا متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ تعليمي لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ هن سال جي ??روع ۾ ٻه جديد منصوبن ”اسڪولز آن ويلز“ ۽ ”پاڪستان ٽيلي اسڪول ايپ“ جي قيادت ڪئي. هن فيبروري ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 بسن تي ٻڌل موبائيل اسڪولن جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن جي ٻارن کي پرائمري سطح جي ??عليم فراهم ڪري رهيا آهن. گادي واري شهر جي مختلف جاين تي بيٺل اهي بسون ڪمپيوٽر، ڊيسڪ، وائٽ بورڊز، ايل سي ڊيز ??ان ليس آهن جيڪي استادن ۽ شاگردن کي مشغول ڪرڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول فراهم ڪن ٿيون. وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ ٻارن کي قوم جي مستقبل جا معمار قرار ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوان نسل کي وڌ کان وڌ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندي رهندي. حڪومت پاران موبائيل اسڪولن جو منصوبو خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خواندگي جي ??رح کي وڌائڻ جي لاءِ سخت ۽ مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. اڳئين مرحلي ۾ بسن جو انگ وڌائڻ ۽ ان منصوبي کي آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين واڌ ڏيڻ جو منصوبو آهي. ان منصوبي سان نظرانداز ٿيل ۽ محروم ڪميونٽيز ??ي ٻارن کي پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ تعيلم ۽ ٽيڪنيڪي مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. يونيسيف موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي ??مر جا اٽڪل 22.8 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن جيڪي ان عمر جي گروپ جي ڪل آبادي جو 44 سيڪڙو آهن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي نئين مهارتن جي ??ريعي انهن تائين تعليم کي پهچ جوڳو بڻائڻ جي ??خت ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي گهرن تائين تعليم پهچائڻ جي لاءِ مارچ ۾ وفاقي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪيل پاڪستان ٽيلي اسڪول ايپ جي ??روعات ڪئي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا آهن. رڳو هڪ هفتي ۾ ايپلي ڪيشن کي 10000 ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو، 5500 جي ??اخلا ڪئي وئي ۽ 310 شهرن ۾ 17000 وڊيوز ڏٺيون ويون. ان منصوبي جو مقصد پهرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين جي ??اگردن کي آن لائين تعليم فراهم ڪرڻ آهي. ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو هڪ ٻيو قدم کڻندي حڪو??ت 30 جون تائين اسلام آباد گادي واري شهر جي ??لائقي ۾ اسڪول کان ٻاهر 70000 ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي ??ور ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي ??سڪم کي ڪاميابي سان عملي جامعو پارايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تعليمي ادارن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ 100000 ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ڇو ته هو ان ڳالهه تي پڪو يقين رکي ٿو ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ون جديد مهارتون ڏيڻ سکڻ جو رستو آهي. گذريل سال گرمي جي موسم ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ غيرمعمولي ٻوڏ تباهي مچائي وئي ۽ ٻوڏ کان ??تا??ر علائقن ۾ 33 ملين ماڻهو ??تا??ر ٿيا هئا. ٻوڏ بلوچستان ۾ اسڪولن سميت اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم رهنمائي فراهم ڪئي ۽ جنوري ۾ بلوچستان جي ??لائقي ??حب?? پور ۾ هڪ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو. ٻن مهينن جي ??ڪارڊ مدي ۾ ٺاهيل اهو اسڪول جديد ترين آءِ ٽي سهولتن سان ليس آهي. هن انهي علائقي ۾ ٻوڏ کان ??تا??ر گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جيا خان جي نئين عمارت جو پڻ ٻيهر افتتاح ڪيو. وفاقي حڪومت جي ??نهن اهم قدمن سان خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن تائين تعليم جي ??سان ۽ بهتر پهچ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.