اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي ??جيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ??رقياتي پروگرام (پي ايس ڊي ??ي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊوي??ن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي ??ي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي ??نگ روغن جي لاءِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي لاءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي ??حالي، تحفظ جي لاءِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي ??هائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ??ريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لاءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي ??ينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي ??ي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي ??عمير جي لاءِ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.