اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ هو??ز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ هو??ز جي چيئرپرسن زمرد خ??ن جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ هو??ز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خ??ن جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ??ن جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪست??ن جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ هو??ز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪر??ڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪر?? ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪست??ن جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.