اسلام آباد – 22 – جو?? (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان يونان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو?? ڪوششون جاري رهندي??ن. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان واقعي ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جو?? دليون سمورن متاثرين ۽ ??نه?? جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. ترجمان چيو ته اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 زندهه بچي ويندڙن ۾ 12 پاڪستاني شهري به شامل آهن ۽ اهي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ۽ گم ٿي ??يل پاڪستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آهي??ن. ??وناني عملدارن 84 لاش درآمد ڪيا آهن، ??نه?? جي سڃاڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترجمان چيو ته لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گهرڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي يوناني عملدارن کي ڏيندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته يونان ۾ پاڪستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ان جي ٽيم گم ٿي ??يل يا فوت ٿيندڙ پاڪستان جي شهرين جي ڳولا ۽ ??نه?? جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوناني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ??يل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ته ان ڏس ۾ اسان جو?? ڪوششون جاري رهنديون.