اسلام آب??د ?? 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان ??ئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دن??ا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي ان معاملي تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل ق??من ??ي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان پاران ان ??اڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دن??ا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ??رڻ ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ??الهه تي زور ڏنو ته اسلامي دن??ا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معاملي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ??ندي وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل ق??من ??ي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻتي جي حمايت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل ان معاملي تي خاص طور تي او آءِ سي جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.