اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) نيشنل آءِ ٽي سيمي??ار ۽ آءِ ٽي منصوبا سڀاڻي خميس ڏينهن جاري ٿيندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان ??وندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب سيمي??ار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير شرڪت ڪندا. سيمي??ار ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا وڏا وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين، آءِ ٽي ماهر، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسر شرڪت ڪندا. ??ار ملڪن، چين ۽ گڏيل عرب امارات مان انڊسٽري ليڊرز ۽ سفارتڪارن سميت اهم پرڏيهي شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون. سيمي??ار جو اهتمام خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت ڪيو پيو وڃي. نيشنل آءِ ٽي سيمي??ار جو مقصد آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي گڏ ڪرڻ آهي. سيمي??ار علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي بي پناهه صلاحيت آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن، بزنس پروسيس ري انجنيئرنگ (بي آر پي) ۽ مصنوعي ذهانت جي انضمام جي ذريعي ٻين صنعتن کي پڻ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. سيمي??ار ۾ آءِ ٽي سيڪٽر تي نئين بجيٽ اثرن، صنعتي منظرنامي، آءِ ٽي روانگي واپار کي مختصر کان ??چولي مدي تائين وڌائڻ جي قدمن تي غور ٿيندو. سيمي??ار ۾ گهربل مهارتن جي ترقي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوششن، ڪاروباري ادارن ۽ اسٽارٽ اپس کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيل سان روشني وڌي ويندي. پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري آساني تي ايس آئي ايف سي جي اثرن کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو. سيمي??ار ۾ پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين جي اسٽالز جي نمائش ٿيندي. سيمي??ار ۾ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، باغ جي عورتن لاءِ پهريون ناليج پارڪ (اي جي اينڊ ڪي)، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسي لينس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن پڻ شامل هوندا.