اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فارما انڊسٽري جي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت ان صنعت جي بهتري ۽ استحڪام جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪوششون ڪري رهي آهي، زندگي بچائيندڙ دوائن بابت موثر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ا??ان سڀني کي گڏجي محنت، ايثار ۽ قرباني سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۽ عالمي ??ني?? ۾ ان ??ي جائز مقام ڏيارڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇهين پاڪستان فارما سمٽ ۽ اي??ارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي دوائون برآمد ڪندڙ 50 وڏين ڪمپنين کي اي??ارڊ ڏنا ويا. تقريب کي سعيد فروغ بخاري خطاب ڪندي فارما جي شعبي جي لاءِ وزيراعظم جي تعاون تي ٿورا مڃيا. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ فارما انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انهن ڪمپنين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، فارما جي صنعت پاڪستان جي روانگي واپار جي حوالي سان تيزي سان اڀرندڙ صنعت آهي، مصنوعات جو معيار ڪنهن به شڪ کان مٿانهون آهي، ان شعبي ۾ پاڪستان جي ڪمپنين وڏو نالو ڪمايو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ پنهنجي پاران انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اهي پاڪستان جي سفير ۽ وڏو نالو آهن. وزيراعظم چيو ته اها هر حڪومت جي ذميواري آهي ته اها حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ۾ دوائن جي پيداواري ??اڳت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان انهن دوائن جي قيمتن ۾ اضافي سان ان جو اثر سڌوسنئون غريب ماڻهن تي پوي ٿو، حڪومت وقت هڪ طرف غريب کي تحفظ ڏئي رهي آهي ۽ ٻئي طرف ان ??الهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته صنعت مستحڪم ٿئي ۽ ان ??ي فيصلاسازي ۾ غيرضروري دير کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته آئون پنهنجي ٽيم، ناڻي واري ??زير اسحاق ڊار، صنعت واري ??زير، واپار واري ??زير، صنعت ۽ پيداوار واري ??زير جو ٿورائتو آهيان جن فارما انڊسٽري سان لاڳاپيل ذميوارن سان ??الهه ٻولهه ذريعي مسئلن کي حل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان هتي تقريرون ڪرڻ جي لاءِ گڏ ناهيون ٿيا پر اسان توهان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون پنجاب جو وڏو وزير هئس ته ان وقت سرڪاري اسپتالن جي لاءِ دوائن جي خريداري جي حوالي سان پاليسي جوڙي، 7، 8 ارب رپين جون دوائون شفاف طريقي سان خريد ڪيون، شفاف خريداري جو طريقيڪار جوڙيو، انهن دوائن جا سيمپل مقامي ليبارٽرين مان ٽيسٽ ڪرايا ۽ بعد ۾ ٻاهر جي ليبارٽرين مان ٻيهر ٽيسٽ ڪرايا ته انهن ۾ ڪافي فرق هو ان لاءِ اسان پنجاب ۾ جديد ليبارٽريون قائم ڪيون، خريد ڪئي ويندڙ دوائن جا سيمپل انهن ليبارٽرين ۾ موڪليا جيڪي عالمي معيار جون رپورٽس هيون، انهن ليبارٽرين قائم ڪرڻ ۾ فارما انڊسٽري جو وڏو ڪردار هو، ان انڊسٽري سان واڳيل ماڻهن پاڪستان جو وڏو نالو ٺاهيو، ا??ان ??ي چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي، ڪمپنيون پنهنجي حق موجب منافعو ضرور ڪمائين، بئنڪن کان پاليسي ريٽ گهٽ ٿيندا، آءِ اي?? اي?? بورڊ جي اڄ رات ميٽنگ ٿي رهي آهي، الله ڪري ته اسان جي پروگرام جي منظوري ??ئي جنهن سان اي?? سيز کلنديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سمورن ادارن کي گڏجي هن ملڪ کي ٺاهڻو آهي، فارما انڊسٽري جي نمائندن جي ڳالهه ٻڌي آهي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي فوري طور تي ٺاهي پئي وڃي، جيڪڏهن اها انڊسٽري حڪومت سان ??ڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪري ته اسان سمورا مسئلا حل ڪري ??ٺنداسين، ا??ان سڀني کي گڏجي ايثار ۽ قرباني سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اهو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، ناڻي واري ??زير ۽ ان جي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ اي?? اي?? سان معاهدو ٿيو، گذريل ڏينهن اي??دڙ 2 ارب ڊالر نئين آرمي چيف جي ڪوششن سان آيا آهن، هي قوم پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي محنت ۽ عزم سان اڳتي وڌي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ??جهه سالن ۾ ان مقام تي پهچي ويندو جيڪو ان جو حق آهي، وچ اوڀر کي الله تيل جي دولت ڏني، پاڪستان ??ي ڪاروباري طبقو ڏنو جيڪو محنت ڪري ??و، کربين ڊالر جي مع??ني??ت آهي، آءِ ٽي جي صنعت آهي، 60 سيڪڙو نوجوانن کي اسان هنر سيکاريون ۽ انهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪليون ته پاڪستان ??ني?? جي افق تي هڪ نئون ملڪ بڻجي سامهون اي??دو ان لاءِ ڳالهين کان وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. هن انڊسٽري کي چيو ته اها غريب جي لاءِ حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن جو خيال رکي، حڪومت توهان جا مطالبا پور ڪندي. وزيراعظم چيو ته هو فارما جي صنعت جي مطالبي تي فوري طور تي ڪميٽي جوڙي رهيو آهي ڪوشش ڪنداسين ته ٻن هفتن ۾ سمورا جائز مطالبا پورا ڪريون.