اسلام آباد – 11 – آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مريضن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کان??وء??) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن ۾ سن?? مان 87، پنجاب م??ن 81، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي ملڪ مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران خدمتن جي اعتراف ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي انهن فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. انهن ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قوم جو فخر آهن. پنجاب م??ن 81، سن?? مان 87، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر کي عالمي وبا دوران محنت ۽ لڳاءُ سان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ فرض جي ادائيگي دوران شهادت تي تمغه امتياز (فوت ٿيڻ کان??وء??) ڏنو ويندو. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان بچائڻ تي تمغه امتياز (وفات کان??وء??) سان نوازيو ويندو.