ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران ??قامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان ??اڪستان ??وومينٽ ۽ ميڊ ان ??اڪستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان ??قامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پاڪستان ??اءِ سخت محنت ڪري، هن پاڪستاني مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني مصنوعات عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان ??اڪستان ??صنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، هن واپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نو??وانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن ??ي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان ??اڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.