اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صد?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه جو گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صد?? سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صد?? پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ترڪيه جي دو??ي جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صد?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ترڪيه جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي لاڳاپا و??يڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.