اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ ??عزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فر??ائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر ح??زه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.