اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ و??ار??ي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ و??ار??ي اجلاس منعقد ڪر?? رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀال?? رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي. اجلاس جي ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن و??ار??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ پاڪستان حڪومت 2023ع کي ”ن??جوانن جو سال“ طور ملهائ?? رهيا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.