اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور ??فت??ار عارف جي علمي ۽ ا??بي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ??فت??ار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ا??ب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، ??فت??ار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر ??فت??ار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ا??ب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته ??فت??ار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. ??فت??ار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ??فت??ار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته ??فت??ار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات ک??ن وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ ا??يبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ??فت??ار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. ??فت??ار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ا??بي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ??فت??ار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر ??فت??ار عارف چيو ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه اڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم ناليواري شارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪئي جنهن ۾ ??فت??ار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي ناليواري علمي ۽ ا??بي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.