اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ و??يڪ مضبوط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر ??هڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ بحرين جي لاءِ پاڪست??ن جي نامزد سفير ثاقب رئوف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کان قابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ٻطرفي واپار ۽ افرادي قوت جي درآ??د تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند افرادي قوت جي گهرج وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مب??رڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.