اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سا?? پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضاف?? جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سا?? جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سا?? پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪ??و. ان سلسلي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دور?? جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم روانڊا جي تازن سا??ن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن ۽ نجي شعبي سا?? ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي.