لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئل ??ونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل ??ونيورسٽي آف پاڪستان پروفيس?? ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي ??وجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي ??زارت جي ع??لدارن سميت ورچوئل ??ونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل ??ونيورسٽي گڏجي ??ني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.