اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک ??وٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي ??وٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو ??وٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک ??وٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو به ڪرنسي ??وٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاقي و??ير ان ??و جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا ??ئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو ??وٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو ??وٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.