اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي باني پاڪستان قائداعظم محمد ??لي جناح کي سندس 147 ??ين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد ??لي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، باني پاڪستان قائداعظم محمد ??لي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته باباءِ قوم پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي باباءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.