اسلام آباد -29 ڊس??بر (اي پي پي) خوراڪ جي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته آبادگارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، آبادگارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت آ??ادگارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ڪسان ڪنو??نش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽاڪ جو ڪاروبار ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ آبادگار ڪردار اد?? ڪن. ان موقعي تي قومي ڪسان ڪنو??نش?? ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. قومي ڪسان ڪنو??نش?? ۾ آبادگارن کي زراعت جي حوالي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. قومي ڪسان ڪنو??نش?? کي آبادگارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪسان ڪنو??نش?? ڪوٺائڻ خوش آئنده آهي ان سان ملڪي زراعت جي ترقي جي حوالي سان حڪومت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن تنهن هوندي به حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي آبادگار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا ??هن.