اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي ??ستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي ??ڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي ??ائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ?? ڊسليڪسيا جي ??ڪار ٻارن کي ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان محروم ٻارن جي ??عليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي ??ائين ڏسڻ کان محروم ٻارن جي لاءِ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ فائونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي ??ستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.