اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت ??ي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ??ردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ و??ٽر?? جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ۽ صحافت ??ي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صحافت ??ي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صحافت ??ي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ??ردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ و??ٽر?? جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافين ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ??ردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ صحافت ??ي آزادي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.