اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ايران ۾ دهشتگرد حملي ۾ ف??ت ٿيندڙ 9 پاڪستانين جا لاش اڄ هوائي جهاز جي ذريعي پاڪستان پهچي ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب 27 ج??وري 2024ع تي ايران جي صوبي سيستان، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري ف??ت ٿي ويا هئا، انهن جا لاش اڄ تفتان بارڊر ??ان هوائي جهاز ذريعي ملتان پهچايا پيا وڃن. ترجمان چيو ته اسان ??ي دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، اسان جون همدرديون ۽ دعائون پونئيرن سان گڏ آهن.