اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان خميس ڏينهن صبح ايران جي صوبي سي??تان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ مخصوص هدفن جي خلاف مهارت سان فوجي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ن??انو بڻايو، ”مرگ بر سرمچار“ جي ن??لي سان ڳجهي اطلاعن تي ٻڌل آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ايران سان پنهنجي رابطن ۾ پاڪستاني ڄاوا دهشتگرد جيڪي پ??ڻ کي سرمچار چوندا آهن جي ايران جي اندر حڪومتي عملداري کان ٻاهر علائقن ۾ محفوظ ٺڪاڻن بابت پنهنجي ڳڻتي بابت مسلسل آگاهه ڪندو رهيو آهي. پاڪستان انهن دهشتگردن جي موجودگي ۽ انهن جي سرگرمين جا ٺڪاڻن ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز پڻ شيئر ڪيا، جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي ن??م نهاد سرمچار بيگناهه پاڪستانين جو رت وهائيندا رهيا. هي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن جي خلاف ممڪن طور وڏي پ??ماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هي ڪارروائي پ??ڪستان جي سڀني خطرن جي خلاف پنهن??ي قومي سلامتي ۽ دفاع جي اڻٿڪ عزم جو اظهار آهي. ان انتهائي مُشڪل آپريشن جو ڪامياب انعقاد به پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو واضح ثبوت آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻندو رهندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي عمل جو واحد مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جي لاءِ هو، جيڪو اسان جي لاءِ سڀ کان مٿانهون آهي ۽ جنهن تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پاڪستان ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پ??سداري ڪري ٿو، انهن اصولن جي روشني ۾ ۽ عالمي قانونن جي اندر پنهنجي جائز حقن کي استعمال ۾ آڻيندي پ??ڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪنهن به جواز يا حالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چيو ته ايران ڀائر ملڪ آهي ۽ پاڪستاني عوام ايراني عوام جي لاءِ تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي، اسان سدائين دهشتگردي جي لعنت سميت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي زور ڏنو آهي ۽ اسان گڏيل حل ڳولڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.