اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) 19 رڪني نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي ??قريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ورتو. وفاقي ڪابينا جي ??لف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، هٿياربند فوج جي ??عليٰ آفيسرن سميت اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪارن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ 19 وزيرن کي شامل ڪيو ويو آه??. ج?? ۾ خواجه محمد آصف، محمد اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، سيد محسن نقوي، شيزه فاطمه خواجه، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، مصد?? ملڪ، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول ??دي??ي، قيصر شيخ، رياض پيرزاده، احد چيما، اويس لغاري، چوڌري سالڪ حسين ۽ محمد او??نگزيب شامل آهن.