اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، س??نيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق، پنجاب جي گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام محمد، س??ڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، س??ڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سر??راهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سر??راهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهباز، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت عظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي رهي چڪو آهي، ??و پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تا??ين وزارت عظميٰ جي عهدي تي رهيو. هو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو. هو 1988ع کان 1990ع تا??ين پنجاب اسيمبلي جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تا??ين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، 1993ع کان 1996ع تا??ين پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ??و پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تا??ين ان عهدي تي رهيو. 2008ع ۾ هو چوٿون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع تا??ين ??و پنجاب جو وڏو وزير رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي ٽن ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو.