اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪست??ن چيو آهي ته ڀارتي قابض عملدار پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم جي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، اهي ??دش?? آهن ته والاريل علائقي کان ٻاهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان قيمتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي قدرتي وسيلن جي حق کان محروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجم??ن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير جي ماڻهن جو پنهنجي و??ن جي دولت تي سڀ کان وڌيڪ حق آهي جنهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجم??ن چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ۽ پنهنجي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجم??ن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرا??ن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.