اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سندس ۽ نئين چونڊيل حڪومت جي لا??ِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ حصيداري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ انتهائي اهم آهي، دنيا ۽ خطي کي درپيش وقت ج اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. آمريڪي صدر چيو ته عوامي صحت جو تحفظ، معاشي ترقي ۽ سڀني جي لا??ِ تعليم گڏيل ويزن آهي جنهن کي گڏجي فروغ ڏيندا رهنداسين، آمريڪا پاڪستان گ??ين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري جي لا??ِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته پائيدار زرعي ترقي، پاڻي انتظام ۽ 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بحالي ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکنداسين، پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي فروغ جي لا??ِ پرعزم آهيون، ٻنهي قومن جي وچ ۾ قائم مضبوط پارٽنرشپ کي سگهه ڏينداسين. آمريڪي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قائم ويجهو رشتو وڌيڪ مضبوط بڻائينداسيبن.