اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وز??راعظم هائوس ۾ م??اقات ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وز??راعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وز??راعظم شهباز شريف وز??راعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وز??راعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.