اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي سيڙپڪار وفد ??و ??اڪ??تان اچڻ سعودي عرب ۽ ??اڪ??تان جي معاشي لاڳاپن ??ي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ ??ي حوالي سان و??اقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه ??اڪ??تان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ ??ي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري وزارت کان و??اقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت ??ي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.