بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گو??در ج?? سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گو??در عالمي هوائي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گو??در عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن کي فروغ ملندو.