اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن جي شهادت ??ي 21 مئي 2024ع ا??ار?? تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، پوري ملڪ ۾ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين ايراني معززين جي شهادت ??ي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ا??ار?? ڏينهن 21 مئي 2024ع تي پاڪستان ۾ قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.