سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ??هي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خ??ص حيثيت ختم ڪري ع??ائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ ??و مقص?? دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذ??بي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.