اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزير??عظ?? تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ت??جم??ن چيو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. ت??جم??ن چيو ته نائب وزير??عظ?? نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ت??جم??ن چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان ايران پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.