اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪري نشان حيدر ماڻيندڙ پا??لي?? آفيسر راشد منهاس شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج ع??يدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. سڄي قوم راشد منهاس شهيد جي شهادت جي جذبي، حب الوطني ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته راشد منهاس شهيد جهڙن بهادر نوجوانن تي قوم کي فخر آهي. سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند آهي ۽ هو شهيد جي قرباني کي ياد رکندي. صدر آصف علي ز??داري راشد منهاس شهيد جي بلند در??ن جي دعا ڪئي.