اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن، اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ اسمگل??گ کي روڪڻ جي ??والي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سيد محسن نقوي، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم اسمگلنگ جي ??لاف قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي قطعي طور تي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اسمگل??گ کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??و استعمال يقيني بڻايو وڃي. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن ۽ ان جي ??هولتڪارن سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز جي ??سمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري انهن جي ??لاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ تعاون وڌيڪ بهتر ڪن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. اجلاس کي اسمگل??گ کي روڪڻ ۽ ان جي هيستائين جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت جي نگراني ۾ اسمگل??گ کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ گير مهم جاري آهي. پيٽروليم مصنوعات، سگريٽ، موبائيل فون، سون، چانهه، ڪپڙا، ضروري شين، ٽائر ۽ گاڏين جي پرزن جي ??سمگلنگ جي ??لاف موثر قدم کنيا پيا وڃن. اسمگل??گ کي روڪڻ جي ??ائري ۾ ضروري شين سان گڏوگڏ ٻين شين کي به شامل ڪيو ويو آهي. يوريا ۽ کنڊ جي ??سمگل??گ کي روڪڻ جي لاءِ ويب پورٽل جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب 54 گڏيل چيڪ پوسٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. نان ڪسٽمز گاڏين جي نشاندهي ۽ انهن جي ميپنگ جي لاءِ نظام جاري ڪرڻ جي ??خري مرحلي ۾ آهي. پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جو مسودو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ اسمگل??گ کي روڪڻ جي مهم جي هيستائين جي ڪارروائي جي ڪارڪردگي تي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ شامل 212 اهڙيون شيون جن جي ??سمگلنگ جو خطرو هو، جي نشاندهي ڪري ان تي پابندي هنئي وئي آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ انشورنس گارنٽي بدران بئنڪ گارنٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ضروري شين جي ??سمگلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان گڏوگڏ پيٽروليم مصنوعات جي ??سمگلنگ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، کنڊ جي ??سمگلنگ ۾ 80 سيڪڙو سان گڏوگڏ ٻين روزاني جي ??ستعمال جي ??ين جي ??سمگلنگ ۾ پڻ واضح گهٽتائي ٿي. مالي سال 24 – 2023ع دوران اسمگلنگ جون ڪوششون ناڪام بڻائي ضبط ٿيندڙ شين جي ماليت 106 ارب رپيا آهي. اسمگل??گ کي روڪڻ جي مهم سان ملڪ ۾ ذخيره اندوزي جي ??جحان ۾ گهٽتائي آئي. اسمگلنگ ۾ ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن جي ??لاف ڪارروائي جي ??والي سان پڻ اجلاس کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن، ٽرانسپورٽرز ۽ انهن جي ??هولتڪارن جي نشاندهي جو عمل تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان نادرا، ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جي ڊيٽا بيس مان به مدد ورتي پئي وڃي.