اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??لوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري ??نسانيت جو قتل آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا ??شمن آهن. هن چيو ته معصوم شهرين جي انسانيت سوز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري ??کڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن ??ي پونئيرن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن مارجي ويلن ??ي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.