اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پي ٽي وي نيوز جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز اطهر وقار عظ??م جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته اطهر وقار عظ??م جي وفات جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پنجاهه سالن تي ٻڌل اطهر وقار عظ??م جي پيشيواراڻو ڪيريئر ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته اطهر وقار عظ??م جي پاڪستان ٽيليويزن لاءِخدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اطهر وقار عظ??م جي وفات سان پيدا ٿ??ل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ۽ اعليٰ ??قا?? عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.