اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پارل??ام??ني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان 16 ميمبرن تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جي رٿ منظوري ڪري ورتي. اطلاعات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارل??ام??ني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اطلاعات واري وفاقي و??ير ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، حڪومتي ۽ مخالف بئنچن جا ميمب??ز ۽ پارل??ام??ني معاملن وارو و??ير شامل هوندا، اسپيڪر کي ڪميٽي ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.