اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڍانچه جاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ايجنڊا جو سنگ بنياد آهن. اهڙو اظهار هن سعودي ع??ب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن فنانس ڊويزن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ايجنڊا جو سنگ بنياد آهن. سينيٽر اورنگزيب سعودي عرب طرفان پاڪستان لاءِ مسلسل اقتصادي تعاو?? جو ٿورو مڃيو ۽ سعودي سيڙپڪارن طرفان پاڪستان جي نجي شعبي سا?? جوائنٽ وينچر ۽ ڪاروباري تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ نئين دلچسپي کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير هلندڙ سال اپريل ۾ پنهنجي واشنگٽن واري دوري دوران سعودي ع??ب جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ۽ سعودي ترقي بابت فنڊ (ايس ايف ڊي) جي سي اي او سلطان عبدالرحمان المرشد سان پنهنجي نتيجي وارين ملاقات?? جو به ذڪر ڪيو. هن مئي ۾ اعليٰ سطحي واپاري وفد جي سعودي عرب کان پاڪستان جي دوري جا اهم نتيجا به ٻڌايا جنه?? جو مقصد سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ، ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ آهي. ملاقات دوران سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي مثبت اقتصادي رفتار جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ اهم اشار?? جو حوالو ڏنو جهڙوڪ ڪرنسي جي استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽ??سٽ?? جي ناڻي ۾ واڌ، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو محتاط انتظام ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن جي آمدني واپار کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سعودي سفير اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ مملڪت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن جي بي پناهه امڪان?? جو به اعتراف ڪيو. هن اشارو ڏنو ته ايندڙ مهينن ۾ سعودي واپاري وفد جو پاڪستا?? جو دورو متوقع آهي ته جيئن گڏيل منصوبن ۽ گڏيل سيڙپڪاري جي شعبن کي وڌيڪ ڳولي سگهجي.